رضوان عمراڻي

رضوان عمراڻي

رضوان عمراڻي

رضوان عمراڻي: نامور مصور ۽ آرٽسٽ رضوان عمراڻيءَ جو پورو نالو رضوان علي ولد محمد شفيع عمراڻي آهي. هن 21 فيبروري 1938ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. 1958ع ۾ گورنمينٽ پائليٽ هاٰءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ 1962ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. اي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد 1980ع ۾ بي. ايڊ جو امتحان ڏنائين. 1963ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن مرزاپور، شڪارپور مان هيڊماستر جي عهدي تان 1995ع ۾ وقت کان اڳ ئي رٽائرمينٽ وٺي لاڙڪاڻي ۾ ’مدر گيلريءَ‘ (Mother Gallery) جو بنياد وڌو، جنهن ۾ هن وقت سوين تصويرون سجايل آهن، جڏهن ته سندس پينٽنگس جو تعداد چار هزار کن آهي. رضوان، فن مصوريءَ سان شاگرديءَ واري زماني کان ئي لاڳاپيل رهيو آهي. سندس ٺاهيل تصويرون سماج جي مختلف ڪردارن جي نمائندگي، رنگن ذريعي ڏاڍي دلڪش ۽ پراثر انداز ۾ ڪن ٿيون. آئل پينٽنگ جي حوالي سان چاقو ۽ ننهن سان پنهنجا احساس ڪينواس جي سيني تي ظاهر ڪرڻ جو وٽس هڪ الڳ انداز آهي. سندس تصويرن جون ابتدائي نمائشون ڪراچي پريس ڪلب (1985ع) ۽ نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد (1994ع) ۾ منعقد ٿيون. ان کانپوءِ سندس تصويرن جون نمائشون نئشنل ڪائونسل آف آرٽس پاران 10 جون 1996ع ۽ 3 سيپٽمبر 1996ع تي لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيون. ان کان سواءِ واشنگٽن ۾ به نمائشون ٿي چڪيون آهن.
رضوان عمراڻيءَ کي 29 ڊسمبر 2002ع تي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ’جيون مڃتا اوارڊ‘ به ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.21  عيسوي

نامور مصور ۽ آرٽسٽ رضوان عمراڻيءَ جو پورو نالو رضوان علي ولد محمد شفيع عمراڻي آهي. هن 21 فيبروري 1938ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.


1996.06.10  عيسوي

سندس تصويرن جون نمائشون نئشنل ڪائونسل آف آرٽس پاران 10 جون 1996ع ۽ 3 سيپٽمبر 1996ع تي لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيون. ان کان سواءِ واشنگٽن ۾ به نمائشون ٿي چڪيون آهن.


2002.12.29  عيسوي

رضوان عمراڻيءَ کي 29 ڊسمبر 2002ع تي لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ’جيون مڃتا اوارڊ‘ به ڏنو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمه هاشمي
عبدالقادر وارثي
پنجو مل رگهواڻي
زبيده آغا
قاضي خضرحيات
رشيد علي وارثي
رافيل
خلجي نعمت
ظفر ڪاظمي
رضوان عمراڻي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون